چانڊيو حاجي مراد خان

چانڊيو، حاجي مراد خان: حاجي مراد خان چانڊيو ولد جاني خان چانڊيو، بچاڻي چانڊين جي خاندان مان هو. هن 1908ع ڌاري ڳوٺ احمد خان چانڊيي لڳ نندي (ضلعي بدين) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم نندي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين. مولوي عبدالرحمان وٽ عربي ۽ فارسي پڙهيو. کيس حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم سان بي انتها محبت هئي، ان ڪري سندن مدح ۾ ڪيترا غزل، ڪافيون، مداحون، بيت ۽ قواليون چيائين. حاجي مراد خان چانڊيي 1954ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو